بلوچي ٻولي ۽ ادب

بلوچي ٻولي ۽ ادب: بلوچي ٻولي دراصل هند- آريائي ٻولين جي شاخ طور شمار ڪئي ويندي آهي. ان حوالي سان قديم لکتن ۽ موجوده تحقيق مان اڃا تائين ڪا مستند ثابتي ملي نه سگهي آهي. ڪن ماهرن جو خيال آهي ته هي فارسيءَ جي بگڙيل صورت آهي. جڏهن ته ڪي ماهر بلوچي کي فارسي کان به آڳاٽي ٻولي قرار ڏين ٿا. هيروڊوٽس، اصطخري، شريف الادريسي ۽ مارڪوپولو سڌي اڻ سڌي طرح پنھنجين لکڻين ۾ بلوچيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. هٿ آيل پراڻن ڪتبن مان اندازو ٿئي ٿو ته بلوچي فارسي ٻولي جي ڀيٽ ۾، روسي ٻوليءَ جي وڌيڪ ويجهو آهي. اُچار جي اعتبار کان بلوچي ٻولي پراڻي پھلوي ٻوليءَ جي ويجهو آهي. لسانياتي ماهرن جي راءِ موجب ميدن يا ميدين، ميدن جي ٻولي هئي، جيڪا ايران جي قديم ٻولي ليکبي هئي ۽ ايران جي اتر اولھندي ٻولين جي شاخ سان ان جو تعلق هو. ايئن ئي آزري (Azari)، لڪي (Laki)، گوراني (Gorani)، گيلڪي (Gilaki)، مازندراني (Mazandrani)، ڪرمانجي (Karmanji)، سوراني (Sorani) ۽ بلوچي (Balochi) به ايران جي اتر اولھندي ٻولين جي خاندان سان تعلق رکن ٿيون. بلوچي ٻوليءَ جو سُميري، سامي، عربي، عيلامي، اڪادي ۽ سنسڪرت ٻولين سان گڏوگڏ گهڻين ٻولين سان واهپو نظر اچي ٿو. بلوچي ٻوليءَ جا ٽي مکيه لھجا؛ مڪراني، رخشاني ۽ سليماني آهن. مڪراني لھجي کي ’اولھندو لھجو‘ به چيو ويندو آهي. هي لھجو مڪران ڊويزن ۽ ايران- بلوچستان جي سرحدي پٽيءَ ۾ ڳالهايو ويندو آهي. رخشاني لھجي کي ’اتريون لھجو‘ به ڪوٺيندا آهن ۽ اهو لھجو رخشان ڊويزن ۽ افغانستان جي ڪجهه علائقن ۾ ڳالهائجي ٿو. جڏهن ته سليماني لھجو، جنھن کي ’اوڀريون لھجو‘ به چئبو آهي، سو بلوچستان جي سبي ۽ نصير آباد ڊويزن سميت سنڌ جي اترين ۽ وچين علائقن ۽ پنجاب جي ڏاکڻي علائقي ۾ ڳالهايو ويندو آهي. انھن لھجن جا ڪيترائي ذيلي لھجا پڻ آهن. بلوچي ٻولي بلوچستان، سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ڪجهه علائقن کان سواءِ ايراني پٽي، ايراني نار جي رياستن، افغانستان، مسقط، دبئي، ابوظھبي، قطر، بحرين، ڪردستان ۽ وچ ايشيا ۾ بلوچ آبادي وارن علائقن سان گڏوگڏ آمريڪا ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ به ڳالهائي ويندي آهي. بلوچي ٻولي عربي توڙي رومن ٻنهي لپين ۾ لکي ويندي آهي. 1998ع جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هن ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جو تعداد يارھن لک سورھن هزار (1116000)، افغانستان ۾ ٻه لک (200000)، ايران ۾ چار لک ايڪونجاهه هزار (451000)، ترڪستان ۾ اٺاويھه هزار (28000) هو. ورلڊ ڊيٽا انفو 2023ع جي ويبسائيٽ موجب پاڪستان ۾ بلوچي ٻولي (مادري زبان طور) ڳالهائيندڙن جو تعداد ستر لک پنجھتر هزار (70،75،000)، ايران ۾ سترھن لک ايڪھتر هزار (17،71،000) ۽ افغانستان ۾ ٽي لک ستر هزار (3،70،000) آهي، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ مجموعي طور بلوچي زبان ڳالهائيندڙ 9.2 ملين (ٻيانوي لک) جي لڳ ڀڳ آهن.
بلوچي ادب جي تاريخ جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته ان متعلق مختلف رايا ملن ٿا. بلوچي ٻولي جي هٿ آيل قلمي خزاني جو تعلق پندرهين صدي عيسوي سان آهي، پر بلوچي ٻولي جي قدامت ۽ پندرهين صدي ۾ مير خان رند'>چاڪر خان رند جي دور جي شاعري ۽ ادبي شاهڪارن جي ٻولي ۽ بيان کي ڏسندي محقق چون ٿا ته ان ٻولي صدين جي سفر کان پوءِ موجوده شڪل اختيار ڪئي هوندي ۽ قوي امڪان آهي ته بلوچي ٻوليءَ ۾ قديم زماني کان سخن آرائي ٿيندي پئي اچي. جغرافيائي پس منظر ۾ بلوچ قبيلن تي اولھه ۽ اتر طرف کان ٿيندڙ ڪاهن، ڏکڻ طرف رهندڙن جي اتر ۽ اولھه ڏانھن اوچتي چڙهائي، موسمي تبديلين ڪري لاڏائو زندگي اختيار ڪرڻ ۽ ڪمروز مرڪزيت سبب بلوچي ٻوليءَ جو قديم خزانو به محفوظ رهي نه سگهيو هوندو. اهڙيءَ صورتحال ۾، بلوچستان جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو بلوچي ٻوليءَ تي به اثر ضرور ٿيو هوندو، ڇو ته بلوچ، ماضيءَ ۾ گهڻي عرصي تائين هڪ جڳهه تي هنڌائتا نه ٿي سگهيا ۽ وادي، پاڻي ۽ چراگاهن جي جستجوءَ ۾ يا قبيلائي جهيڙن سبب لڏپلاڻ به ڪندا رهيا. جنھنڪري بلوچ قوم، سماجي ۽ تعليمي اڳڀرائي کان محروم رهي. تعليمي پسماندگيءَ ۾، ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج ممڪن نه ٿي سگهي، تنھنڪري بلوچي ٻوليءَ ۾ تعميري تخليقي صلاحيتون پڻ اُسري نه سگهيون. بلوچي ٻولي تحريري صورت ۾ نه آئي ۽ نه ئي بلوچي شاعرن، پنھنجي پويان ڪي لکيل بياض ڇڏيا، بلڪه سندن بياض سيني به سيني منتقل ٿيندا آيا.
بلوچستان جي جغرافيائي، تاريخي ۽ ثقافتي پس منظر ۾ هٿ آيل ادبي خزاني کي سامهون رکندي بلوچي ٻوليءَ جي ادب کي چئن دؤرن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ رندي يا ڪلاسيڪل دؤر (1430ع کان 1630ع تائين)، ٻيو خوانين دؤر (1630ع کان 1850ع تائين)، ٽيون برطانوي دؤر (1850ع کان 1947ع) ۽ چوٿون همعصر يا جديد دؤر، جيڪو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ڳڻيو ويندو آهي. پھريون دؤر يعني رندي يا ڪلاسيڪل دؤر ادبي لحاظ کان (پندرهين ۽ سورهين صديءَ ۾ مير خان رند'>چاڪر خان رند جي حاڪميت جو دؤر) بلوچي ادب جو اهميت وارو دؤر ليکيو ويندو آهي. ان دؤر کان اڳ ادبي خزانو اڻ ڄاڻايل سببن ڪري هٿ اچي نه سگهيو آهي. جنھن ڪري مير خان رند'>چاڪر خان رند جي دؤر کي ادب جي ڪلاسيڪل دؤر جو درجو ملي ٿو. ان پھرئين ڪلاسيڪل دؤر ۾ ڪيترائي رومانوي داستان ملن ٿا، جن جي اثر ڪري شاعريءَ ۾ رومانيت سان گڏوگڏ رزميت جو عنصر پڻ ملي ٿو، جيڪو پوءِ جي شاعريءَ جو اهم جزو ليکيو وڃي ٿو. جنھن ۾ بلوچ فطرت، مزاج، معاشرتي حالتن، تھذيب ۽ ثقافت جا گوناگون رنگ ملن ٿا. ڪلاسيڪل دؤر ۾ رند ۽ لاشار جي ٽيھه سالا طويل جنگ دوران ٿيل رزميه شاعري سان گڏ، هاني ۽ شھمريد، بيبرغ ۽ گراناز، ميران رند ۽ شاري، بيبرغ ۽ ملي، حسن مولانغ ۽ شلي، شھداد ۽ مھناز، کبڙ ۽ لکي، ملوڪ گنوخ ۽ بيلو، مٺا رند ۽ لعلين جا رومانوي داستان ابتدائي حيثيت رکن ٿا. مير خان رند'>چاڪر خان رند، مير گوهرام لاشاري، هيبتان رند، ريحان رند، بڪر لاشاري ان دؤر جا اهم شاعر رهيا. چاڪر ۽ هيبتان جي باري ۾ نظم، چاڪر ۽ جاڙي جلم جي باري ۾ نظم، دل ماسغ جي باري ۾ نظم، شھداد جي پيدائش بابت نظم، سامونڊي علائقي جي مير حمل رند جي باري ۾ شاعري، دودائي ۽ رندن جي جهيڙي جو داستان، دهلي جنگ جو قصو، بالاچ گورگيج ۽ بيبرغ جي جهيڙي تي ٻڌل شاعري ان دؤر جا ناياب ادبي شھپارا شمار ڪيا ويندا آهن. خوانين جي ادبي دؤر بابت محقق چون ٿا ته هن دؤر ۾ درٻار جي ٻولي فارسي هئي ۽ گهڻو ڪري شاعري به فارسي ٻولي ۾ ڪئي ويندي هئي، مگر ڪٿي ڪٿي مقامي شاعرن بلوچي ۾ به شاعري جاري رکي. ان دؤر ۾ بلوچي شاعرن نئون رخ اختيار ڪيو. هن دؤر ۾ رزميه شاعري کان عشقيه شاعري جو رجحان وڌيڪ نظر اچي ٿو. عشقيه شاعري ۾ عام ماڻهن جي زندگي سان گڏوگڏ امير طبقي جي زندگيءَ جي عڪاسي به ملي ٿي. ان دؤر ۾ مذهبي شاعري جو به بنياد پيو، جنھن اڳتي هلي بلوچي ادب ۾ نمايان حيثيت حاصل ڪئي. ان دؤر ۾ للا ۽ گراناز، شيرين ۽ دوستين، عزت ۽ مھرُڪ نالي پيار جا داستان، سيمُڪ ۽ نٿا جي جدائي جو المناڪ مرثيو، ڪلمتين ۽ بُرفتن جو جهيڙو اهم ادبي فنپارا مڃيا وڃن ٿا. حمل رند، شه عيسيٰ، شه يار، جام دُرڪ، ناطق مڪراني، بجار، مير اشرف، سھڻا سُھرياڻي، ڪويل جت، تاج محمد تاجل، ملا ابراهيم ۽ ٻيا بلوچي ادب جا سرجڻھار نظر اچن ٿا. جام دُرڪ دمبڪي (ڊومڪي) هن دؤر جو نامور شاعر آهي، جنھن کي ’ملڪ الشعرا‘ جو خطاب مليو.
ٽيون دؤر انگريزن جو افغانستان ڏانھن پيش قدمي ڪري روس جي ڏکڻ ايشيا ڏانھن رستي روڪ ڪرڻ وارو دؤر آهي، جنھن ننڍي کنڊ جي سياست، سماج ۽ ثقافت سان گڏوگڏ ادب تي به وڏو اثر وڌو. بلوچستان ۾ جمھوري قبائلي نظام جي بدلي موروثي سرداريت کي هٿي ڏئي بلوچ معاشري کي اونداهي ڏانھن ڌڪي ڇڏيو. سماج اجتماعيت جي بدلي فرد جي حوالي ڪيو ويو. 1854ع ۾ ’خان آف قلات معاهدي‘ هيٺ بلوچستان جي آزاديءَ کي ختم ڪيو ويو. انگريزن سازشون ڪري خان آف قلات ۽ سردارن جي وچ ۾ اختلاف وڌايا. ظلم ۽ جبر جو دؤر شروع ٿيو. مذهبي شاعري کي هٿي ڏني وئي. نعت، مدح ۽ ڪرامتن جي شاعري سامهون آئي. انگريز دؤر ۾ مير محراب خان جي شھادت، مرين جي انگريزن سان جنگ، گوڪ پروش ۾ بلوچن ۽ انگريزن جو جهيڙو، نور الدين مينگل جو انگريزن سان جهيڙو، مرين جو انگريزن سان گمبد ۽ هڙند ۾ جهيڙو، اولھندي بلوچستان ۾ جنرل ڊائر جي اڳرائي ۽ ٻين اهڙن واقعن خوف جو ماحول پيدا ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ ظاهري طور مذهبي شاعري اوج تي پھتي پر اندروني طور مزاحمتي شاعري به ڪر کنيو. ان دؤر ۾ رحم علي مري پنھنجي مزاحمتي شاعري سان انگريز ۽ مري جهيڙي ۾ مري ويڙهاڪن جا جذبا بلند ڪندو رهيو. ان دؤر جو ناميارو عشقيه داستان سمو مست يعني مست توڪلي ۽ بيبرغ ۽ گراناز جا پيار وارا داستان سامهون اچن ٿا. ان کان علاوه ملا فاضل رند، ملا قاسم رند، ابراهيم شنباڻي، لشڪر خان جسڪاڻي، ملا بھرام، جيوا ڪُرد، حيدر بالاچاڻي، ملا عمر مري، پنجُو بنگلاڻي، پھلوان فقير ڊومڪي، فيضل فقير لاشاري، احمد بن سوران، مولوي حضور بخش جتوئي، ملڪ دينار ميرواڙي، غلام محمد بالاچاڻي، چگها بزدار، مندو ڪھيري، جوانسال بگٽي، محمد خان مري، نور محمد بمپشتي، جمعا خان ڪلواني، ملا اسماعيل پُل آبادي، محمد حسين عنقا ۽ سيد نور محمد شاهه شاعري ڪندي نظر اچن ٿا. ان دؤر ۾ مڪتبه دُرخاني جو بنياد وڌو ويو، جيڪو مذهبي ڪتابن کي عربي کان بلوچي ۽ براهوي زبان ۾ ترجمو ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. ان دؤر ۾ مولوي حضور بخش جتوئي قرآن پاڪ جو بلوچي ترجمو ڪيو.
ارڙهين صديءَ ۾ بلوچي ادب جا تحريري مسودا ملن ٿا، جيڪي عربي لپيءَ ۾ لکيل آهن. انھن مان قديم مسودو (Codex Oriental Additional) 2404آهي، جنھن کي 1820ع ۾ هوتمان ڪلمتي لکيو هيو. ٻيا ٻه مسودا ڪمالان گچڪي جا آهن، جيڪي (Oriental) 2439۽ (Oriental) 2129 جي نالي سان 1873ع ۽ 1877ع جا آهن، جنھن ۾ بلوچي شعر، قصا ۽ ٻيون لکڻيون موجود آهن. ان کان علاوه 1861ع جو هڪ ٻيو مسودو به هٿ آيو، جنھن ۾ “بھرام ۽ گل اندامه“جو قصو آهي. انگريزن ڪجهه بلوچي لکڻيون گڏ ڪري ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال جي ادبي مخزن (1840ع) ۾ ڇپرايون هيون. رچرڊ برٽن جي ڪتاب ‘Sind’ ۾ بلوچن جي حسب نسب جا ٽي نظم، ايل ڊيمز 1880ع ۾ ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال جي جنرل ”سڪيچ آف دي ناردرن بلوچي لئنگئيج“، جي عنوان سان ڪجهه بلوچي شعر ترجمي سان ڇپرايا. 1891ع ۾ ڊيمز ”بلوچي ٽيڪسٽ بُڪ“ ۽ 1907ع ۾ ”پاپولر پوئٽري آف بلوچيز“ ڇپرايو. ان سان گڏوگڏ ٽي جي ميئر جو ڪتاب ”بلوچي ڪلاسڪس“ انهي دور ۾ ڇپيو. ويھين صديءَ جي پھرئين ڏهاڪي ۾ لکيل انجيل جي نسخي، ڪراچي ۽ مڪتبه دُرخاني جي مذهبي ڪتابن ۽ مولوي حضور بخش جتوئي جو بلوچي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيل خلاصو ڪيداني، قدوري، شمائل شريف، مدينته المصطفيٰ، روضعة الاحباب، مڪاتب صادقين، حڪايات عجيبه، خاڪساري فريب، هدايت ابدي ۽ اصول الصلاة ان دؤر ۾ بلوچي ادب جا اهم ۽ مفيد اضافا ثابت ٿيا.
بلوچي ادب جي جديد دؤر کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي، جنھن ۾ پھريون پاڪستان ٺھڻ کان ٻه ڏهاڪا پوءِ جو دؤر (1947ع کان 1970ع) ۽ ٻيو 1971ع کان پوءِ هاڻوڪي دؤر جو ادب آهي. پھرئين دؤر ۾ صدين کان سينن ۾ سانڍيل بلوچي ادب کي تحريري شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ ادبي ادارا قائم ڪيا ويا. بلوچي رسالا نڪرڻ شروع ٿيا. ريڊيو پاڪستان تان بلوچي پروگرامن جو سلسلو شروع ٿيو. ڪراچي ۾ بلوچي اڪيڊمي، ڪوئيٽا ۾ لٺ خانه، انجمن ترقي پسند مصنفين ڪوئيٽا شاخ ۽ بلوچي اڪيڊمي ڪوئيٽا جو قيام عمل ۾ آيو. بلوچي ادبي سرگرميون شروع ٿيون. ادب جي فروغ لاءِ باقاعدي جدوجھد جو آغاز ٿيو. ان دؤر ۾ آزات جمالديني، مير گل خان نصير، سيد ظھور شاهه هاشمي، ڪريم دشتي، جي آر مُلا، مير عيسيٰ قومي، مراد ساحر، صديق آزات، عطا شاد، اسحاق شميم، ملڪ محمد رمضان، عبدالرحمنٰ غور، بانڪ ط. روحي، محمد بيگ بيگل، ملڪ محمد پناهه، قاضي عبدالرحيم صابر، عبدالقادر نوري، احمد جگر، دوست محمد بيڪس، احمد زهير، بشير بيدار، خير محمد ندوي، عبدالڪريم شورش، آدم حقاني، شير محمد مري، ملنگ شاهه هاشمي (پھريون غزل گو شاعر)، نور الله خاراني، محمد حسن ڪلاڪوٽي، عبدالغفور بلوچ، آسڪو جمالديني، ڪوڙا خان مري، نبي داد زبيراڻي، احمد شاهه قحطاني، لعل بخش آزاد، اڪبر بارڪزئي، سيد عيسيٰ نوري، مھناز سربازي، عنايت الله قومي، صورت خان مري، نسيم دشتي، عبدالله جان جمالديني، مراد آواراني، نصير ڪُبداني ۽ ٻيا اديب شامل آهن. ٻئي دؤر ۾ وڌيڪ ادبي تنظيمون قائم ٿيون. ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن ڪوئيٽا تان بلوچي پروگرام نشر ٿيڻ لڳا. بلوچي ادب تي بحث مباحثن ۽ تنقيد جو آغاز ٿيو. ريڊيو ۽ ٽي وي تي بلوچي ڊراما، بلوچي ٻوليءَ ۾ خبرون ۽ تبصراتي پروگرام نشر ٿيڻ لڳا. آزات جمالديني اڪيڊمي ڪراچي، سيد ظھور شاهه اڪيڊمي، مُلا فاضل اڪيڊمي ڪراچي، ملا فاضل اڪيڊمي مند، بلوچستان اڪيڊمي تربت، عزت اڪيڊمي پنجگور، بلوچي ادبي بورڊ ڪراچي، سنگت اڪيڊمي ڪوئيٽا، لبزانڪي ڪاروان، راسڪوھه ادبي ديوان، سيد ظھور شاهه هاشمي اڪيڊمي گوادر، بلوچي ادبي مجلس، انسٽيٽيوٽ آف بلوچيا، زند اڪيڊمي، نصير آباد ادبي مجلس، ڪوهه سليمان ادبي ديوان سان گڏوگڏ گهڻن ادبي تنظيمن ۽ ڇاپيندڙ ادارن بلوچي ادب جي فروغ ۾ پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. بلوچي ادب جي صنفن ۾ مضمون، افسانا، سفرناما، ڊراما، مزاحيه ادب، تحقيق، تنقيد، تاريخ، بيت، هائيڪو ۽ نثري نظم سميت نثر ۽ شاعريءَ جي سڀني صنفن تي لکيو وڃي ٿو. ٻئي/ موجوده دؤر جي اديبن ۾: صبا دشتياري، اڪبر بارڪزئي، عزيز بگٽي، حڪيم بلوچ، پيرل زبيراڻي، نعمت الله گچڪي، ظفر علي ظفر، نسيم دشتي، مبارڪ قاضي، عطا شاد، غوث بخش صابر، اشرف سربازي، احمد جگر، مومن بزدار، اسحاق ساجد بزدار، بشير احمد بلوچ، ايوب بلوچ، مير عاقل خان مينگل، نصير شاهين، مجيد گوادري، بانل دشتياري، گوهر ملڪ، عبدالرحمنٰ پھوال، حاجي عبدالقيوم بلوچ، يٰسين بسمل، عبدالغفار نديم، الله بشڪ بزدار، ملڪ طوقي، فقير محمد عنبر، يوسف عزيز گچڪي، ابراهيم عابد، اڪرم صاحب خان، انور صاحب خان، گلزاري مري، ڊاڪٽر شاهه محمد مري، ڊاڪٽر عبدالرزاق صابر، پناهه بلوچ، منير باديني، اسلم دوستين، عصمت الله جمالديني، غني پرواز، ڊاڪٽر فضل خالق، غوث بھار، غلام رسول ڪلمتي، ممتاز يوسف، ڊاڪٽر واحد بخش بزدار، رزاق نادر، منير مومن، ڊاڪٽر عبدالصبور بلوچ، الفت نسيم، منير عيسيٰ، اي آر داد، عبدالسلام عارف، اثير عبدالقادر شاهواڻي، عباس علي زيمي، يٰسين مجروح، حنيف شريف، اسلم شي تگري، شرف شاد، ع. ع. دشتي، غلام حسين شوهاز، بانڪ ناز ملڪ مينگل، عبيدهه قيوم، سلطان نعيم قيصراڻي، گل محمد وفا، ڊاڪٽر زينت ثنا، عبدالحيد ايران نزاد، ڊاڪٽر مالڪ بلوچ، بيزن صبا، ڊاڪٽر غفور شاد، ڊاڪٽر علي دوست بلوچ، عابد آسڪاني، ڊاڪٽر ناگمان، صبيحه ڪريم، بي بي تاج بانو، زڪيه سردار خان، بشريٰ قيوم، صدف مھر، روبينه ناز، ماهه جبين بلوچ، مھرنگ بلوچ، ڪريمه بلوچ، رخسانه در محمد، بنادي بلوچ، گل ثمين، صدف سھيل، حبيبه پير جان، بانل مھر درزئي، هاني بلوچ، بينظير بلوچ، گل ناز شبير، زينل ڪولاچي، زاهده رئيسي، چراگ لاشاري، زبير مختيار، سمي پرواز، رخشندهه تاج، عندليب گچڪي، پروفيسر طاهرا احساس جتڪ، شاهينا شاهين، فرزانه بلوچ، ثنيا خالق، سعيد تبسم مزاري، ارشاد پرواز، فضل بلوچ، مير عمر مير، مير ساگر، سليم خان بزدار، رحمٰن مراد، ادبي حڪيم، حنيف همراز، اصغر زهير، عيسيٰ گل، طارق پيشڪاني، عارف وفا، حيات شوڪت، مجاهد بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن.بلوچ لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعريءَ ۾ هن وقت لوڪ ڪھاڻين، پھاڪن، ڳجهارتن، سپت، دستانغ، ليلڙي، سوت ”گيت“، لولي، هالو، نازينڪ بلوچ، لاڏو، زهيروڪ، چوگان، موتڪ (مرثيو)، ڏيھي، امبا، لئيڪو ۽ ليلي مور تي ڪتاب موجود آهن. ساڳي ريت بلوچي شاعري ۾ گهگيري شاعري (مزاحمتي شاعري)، لچه (نظم)، دستونڪ (غزل)، ساڙا (حمد)، وزبت (نعت)، سلام، دوبيت (دوگال)، چاربند (رباعيسانيٽ، گيگان، (پيروڊي)، وشڪندي، (خوش طبعي)، مزاحيا شاعري، (ٽُڪر)، قطعو، هائيڪو، (تضمين) ۽ ٻين صنفن تي شاعري ملي ٿي. بلوچي نثر ۾ آزمانڪ (افسانا)، گدار (ناول)، ڪسمانڪ (ڊرامو)، ريزمانڪ (مضمون)، شرگداري (تنقيد)، رجانڪ (ترجمو)، سپر نامگ (سفرناما)، تزن ءُ بچڪند (طنز و مزاح)، حالتران (انٽرويو)، زيند آدينڪ (سوانح)، چمشانڪ (تبصرو)، لبز بلد (لغت)، گالگنج (اصطلاحات)، عورتن ۽ ٻارن جو ادب به ملي ٿو. بلوچي ادب ۾ نثر جي مڙني صنفن تي جهجهو ڪم ٿيو آهي.
بلوچي رسم الخط: ويجهي ماضيءَ تائين لڳ ڀڳ سمورن بلوچ علائقن ۾ ڳالهائي ويندڙ بلوچي، هڪ غير تحريري زبان رهي آهي، پر اُن جي باوجود به بلوچن پنھنجي ٻوليءَ کي زندهه رکيو آهي. بلوچي ٻوليءَ جي وڏن مسئلن مان هڪ مسئلو رسم الخط جو به رهيو آهي. مھر ڳڙهه مان مليل ٿانون تي نقش ٿيل علامتن کي شروعاتي تحرير تصور ڪيو وڃي ٿو. انگريز محققن بلوچي ٻوليءَ کي سڀ کان پھرين رومن ۾ کاٻي کان ساڄي طرف لکڻ شروع ڪيو. بعد ۾ مولانا محمد فاضل درخاني ۽ سندس هم خيال ساٿي عالمن، بلوچي ٻوليءَ کي، پاڙيسري علائقن وانگر، ساڄي کان کاٻي طرف لکڻ شروع ڪيو. انهن عالمن عربي رسم الخط ۾ موجود حروف تھجيءَ جون خاص شڪليون طئي ڪري بلوچي لکت جو بنياد وڌو، جيڪو تمام گهڻو مقبول ٿيو ۽ ٿوري گهڻي ترميم سان بلوچي ٻولي هِن وقت انهيءَ رسم الخط ۾ لکي ۽ پڙهي پئي وڃي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو